اسلام آباد – 08 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏ??هي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان آمريڪا سان ڊگهي مدي واري ۽ پائيدار لاڳاپن جي قيام ??و خواهشمند آهي، عالمي برادري پاران مثبت شموليت، انساني امداد، مالياتي وسيلن جي فراهمي ۽ افغان عوام جي مسئلن کي ختم ڪرڻ جي غرض سان پائيدار معيشت جي تعمير لاءِ ٺوس قدمن جي ضرورت آهي. اها ڳالهه هن پاڪستان جي دوري تي آ??ل آمريڪي پرڏ??هي نائب وزير وينڊي آرشر من سان ڳالهائيندي ڪئي جنهن پرڏ??هي وزارت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ڏک?? ۽ وچ ايشيا جو اسسٽنٽ سيڪريٽري ڊونلڊ لو به ساڻس گڏ هو. جڏهن ته پرڏ??هي سيڪريٽري سهيل محمود ۽ پرڏ??هي وزارت جا سينئر آفيسر به ان موقعي تي موجود هئا. ملاقات دوران ٻطرفي لاڳاپن، افغانستان ۽ علائقائي امن بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. آمريڪي پرڏ??هي نائب وزير بلوچستان ۾ آيل زلزلي ۽ ان جي نتيجي ۾ ٿيندڙ جاني نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. افغانستان ۾ پرامن حل جي ضرورت تي زور ڏيندي پرڏ??هي وزير چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا جي موقف ۾ هم آهنگي موجود آهي، پرڏ??هي نائب وزير افغانستان مان آمريڪي ۽ ٻين شهرين جي نڪرڻ لاءِ پاڪستان جي مدد ۽ خطي ۾ امن لاءِ استعمال ايندڙ مسلسل ڪوششن کي ساراهيو. پرڏ??هي وزير چيو ته اسان کي اميد آهي ته افغانستان ۾ نئون سيٽ اپ استحڪام سان گڏوگڏ سموري افغان عوام جي بهتري لاءِ ڪم ڪندو، افغان عوام جي نمائنده ۽ ڊگهي بنياد واري حڪومت عالمي برادري لاءِ اعتماد جي قابل حصيدار ٿي سگهي ٿي، شاهه محمود قريشي چيو ته موجوده صورتحال ۾ عالمي برادري پاران مثبت شموليت انساني امداد ۽ مالياتي وسيلن جي فراهمي ۽ افغان عوام جي مسئلن کي ختم ڪرڻ لاءِ پائيدار معيشت جي تعمير لاءِ ٺوس قدمن جي ضرورت آهي، پاڪستان معاشي تعاون، علائقائي رابطن جي ف??وغ ۽ خطي ۾ امن جي قيام لاءِ آمريڪا سان ڊگهي مدي واري ۽ پائيدار لاڳاپن ??و خواهشمند آهي، هن چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا باقاعده ۽ منظم ڳالهين جو عمل اسان جي ٻطرفي مفادن سان گڏوگڏ گڏيل علائقائي مقصدن کي ف??وغ ڏيڻ لاءِ ضروري آ??ي، آمريڪي پرڏ??هي نائب وزير پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ موسمياتي تبديلين ۽ متبادل توانائي جي حوالي سان ٻطرفي ڳالهين ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي جي واکاڻ ڪئي. غير قانوني طور تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير انساني حقن جي سنگين صورتحال کي اجاگر ڪندي پرڏ??هي وزير ڏک?? ايشيا ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام لاءِ ڪشمير جي مسئلي جي منصفاڻي حل جي اهميت تي زور ڏنو، پرڏ??هي وزير آمريڪا پاران پاڪستان کي ڏنل ڪووڊ 19 بابت مدد تي پرڏ??هي نائب وزير وينڊي جو ٿورو ادا ڪيو.