اسلام آباد/ اناتاليه – 25 – مارچ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته پا??ستان خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پنهنجو تعاون جاري رکندو، سڀ کان وڌيڪ دهشتگردي سبب متاثر ملڪ هجڻ جي ناطي ??ن ناسور کي پا?? کان پٽي اڇلڻ لاءِ اسان پرعزم آهيون، دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پا??ستان پاران ڏنل جاني ۽ مالي قربانين جي ڪري دهشتگردي جو خاتمو ممڪن ٿيو. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر اهڙن خيالن جو اطهار ترڪي جي شهر اناتاليه ۾ ”دهشتگردي جي خلاف جنگ ۽ علائقائي رابطا مضبوط ??ڻا??ڻ“ جي باري ۾ پارليامينٽس جي اسپيڪرز جي چوٿين ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. اسپيڪر اسد قيصر ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته اولهه ۾ وڌندڙ اسلامو فوبيا جي ڪري مسلمان امت کي سيڪيورٽي جا ڪيترائي خطرا لاحق آهن. هن چيو ته ان مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏيل حڪمت عملي جوڙڻ گهرجي ۽ اسلام بطور امن جي مذهب جي ان جي اصل چهري کي روشن ڪرڻ کانسواءِ اسلامو فوبيه کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏيل رابطن کي فروغ ڏيڻ گهرجي. اسپيڪر ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پا??ستان وسيع تر علائقائي رابطن جي لاءِ قدم جاري رکندو ۽ دهشتگردي جي خاتمي ۽ علائقائي رابطن کي مضبوط ??ڻا??ڻ لاءِ پارليامينٽ جي اسپيڪرز جي ڪانفرنس کي علائقائي ضرورتن جي لاءِ موثر ??ڻا??يندو، رابطي کي علائقائي امن ۽ خوشحالي جو سنگ بنياد قرار ڏيندي اسپيڪر فليگ شپ چين پا??ستان اقتصادي راهداري منصوبي تحت پا??ستان طرفان جاري اڳڀرائي تي روشني وڌي.