نوشهره – 15 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان فوڊ سيڪيورٽي، وڌندڙ آبادي، روزگار جي فراهمي، موسيماتي تبديلي، آلودگي ۽ پرڏيهي ناڻي جي گهٽتائي کي مل?? جي لاءِ وڏا چئلينج قرار ڏيندي چيو آهي ته زرعي ملڪ هجڻ جي باوجود پاڪستان ڪڻڪ ۽ کنڊ درآمد ڪر رهيو آهي، زيتون جي پ??کي مان پرڏيهي ناڻي جي بچت ۽ روزگار جا موقعا ملندا، پاڪستان موسمياتي تبديلي سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر 10 ملڪن ۾ شامل آهي، سڄي ملڪ ۾ ميويدار وڻن جي پ??کي لاءِ علائقا مختص ڪيا ويندا، وڌندڙ آبادي لاءِ فوڊ سيڪيورٽي حڪوم?? جي ذميداري آهي، نوجوانن ۽ شاگردن کي بلين ٽري سونامي وڻڪاري مهم ۾ ڀرپور حصو وٺڻ گهرجي، پاڪستان ۾ جيڪڏهن اسان زيتون جي پ??کي تي ڌيان ڏيون ته اسپين جي مقابلي جي مقابلي ۾ وڌيڪ کاڄرو تيل برآمد ڪري سگهنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن زيتون جي وڻڪاري مهم جي آغ???? تي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.