اسلام آباد – 14 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت معاشي ترقي ۾ ميري ٽائيم سيڪٽر جي اهميت جي ڪري ان جي فروغ لاءِ ڪوشان آهي، حڪومت طرفان 2020ع تي بليو اڪانومي جو سال قرار ڏيڻ بحري معيشت جي ترقي لاءِ حڪومتي قدمن جو ثبوت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ن??ول هيڊڪوارٽر ا??لام آباد جي دوري جي موقعي تي ڪيو. نيول هيڊڪوارٽرز اچڻ تي پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل محمد امجد خان ن??ازي وزيراعظم جو استق??ال ڪيو ۽ پاڪ بحريه جي دستي وزيراعظم کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو.