اسلام آباد – 17 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته بلاول جا جذ??اتي بيان منطق ۽ حقيقتن کان عاري آهن، مخالف ڌر کي چونڊن کانپ??ءِ پنهنجي شڪست تسليم نه ڪرڻ جي خراب روايت کي ختم ڪرڻو پوندو، پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته اهڙا رويا جمهوري قدرن جي منافي آهن، جمهوريت جو ليڪچر ڏيندڙ جمهوري طرز عمل اختيار ڪن، هن چيو ته ووٽ کي عزت ڏيڻ جا نعرا هڻ??دڙ گلگت بلتستان جي عوام جي ووٽ کي عزت ڏيڻ لاءِ تيار ن?? آهن.